پُورَڀَ بابت
معنيٰ
اوڀرَ، اڀرندي، مَشرِقَ. اُڀرندي واري ملڪ. اوڀر جي واءَ.
East, eastern, relate to east. of east.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَدائِين سَفَرَ ۾، رَمَنِ مَٿي راھَ، پُرَنِ پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، مَنجِهہ مَوالِي ماھَ، جَنِ الَکَ سين آگاھَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- جوڳِي ٿِينِ نَہ يارَ، ڪَنھِن سين قَرِيبَنِ ري، اَٺَئِي پَھَرَ اُنِ کي، نانِيءَ ڏُونھِن نِھارَ، مُون مُلاقاتَ اُنِ سين، جَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي، واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُوڄا ڪارِ مَ پاڻَ کي، پَلِ پُوڄا کان پاڻُ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، سَڌَ نَہ کَڻَنِ ساڻُ، تَعلَقُ ڇَڏَڻَ تَڪِيا، اِيءُ…[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِيءَ لاٿو جارُ، سَندو پُورَڀَ پارُ، آڇِيائِين اِيندَنِ کي.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا، ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- پُورَڀَ مارِياسِ، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانهَڙِي، مَتِيَون ڏِيندي لوڪَ کي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ، جَنِي نَہ جيھِياس، مان لَنئُن لَڳِي تَنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀَ ۾ وِئا پيھِي، تان مُون گهَڻو نِھارِئا، سُڌِ نَہ مُڪِي سَڄَڻين، جيھِي نَہ تيھِي، ھُئا پَرَڏيھِي، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀَ پُورِئائُون، مَٿي راھَ رَوان ٿِئا، ھِي گهَرَ گهورِئائُون، آڳانڍِئائُون اڳِيان.[ سُر پورب - جوڳي ]
- خِيما جَنِ کَڻِي، مَٿي پُورَڀَ مَنڊِئا، آيَلِ تَنِ آديسِيَنِ کي، پَسِئو ٿِيان پَڻِي، جِيءَ ۾ جَڙَ ھَڻِي، نانگا وِئا نِڪِرِي.[ سُر پورب - جوڳي ]
- پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب ھِينئَڙي آوَنِ پُورَ، سِڪَندِيءَ کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ، آئُون تَنھِن ماريس سُورَ، جِيئَن ساڄَنُ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين، ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ، نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ، سوئِي…[ سُر پورب - وايون ]
- مَنَ مُنڊائُون پييُون، مُون کي سامِيَنِ ساڻُ، نَہ ڪِي کَڻَنِ پاڻَ سين، نَڪو ساڻُنِ پاڻُ، پُرِئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، ڄاڻِي…[ سُر پورب - وايون ]
- جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِيَنِ سان سَدا دِلِ سوگهِي، پُرِئا پُورَڀَ پارَ ڏي، اَدِي بيراڳِي آئِي، سامِي سَفَرِ ھَلِئا، مَڙِهيُون…[ سُر پورب - وايون ]
- مَڙِهيُون پُوري ماڳَ، وِئا ويراڳِي، يااللهَ، پُرئا پُورَڀَ پارَ ڏي، آيَلِ مُون اَڀاڳُ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لاھي وِئَڙا لَاڳُ.[ سُر پورب - وايون ]