پَچارُون بابت
معنيٰ
ڳالهيون، ذڪرَ. تاتون، پَچَرون، يادگيريون. بيانَ. عادتون. گلائون، نندائون.
Talks, speeches, discourses, improper or unpleasing talks, irritating language.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ، جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ، پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي، تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان، ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ، ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون، ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون، سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ، سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ، ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي، پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ، سُئَمِ نَہ…[ سُر پورب - وايون ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]