پَچارُون جي سنڌي معنيٰ
ڳالهيون، ذڪرَ. تاتون، پَچَرون، يادگيريون. بيانَ. عادتون. گلائون، نندائون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Talks, speeches, discourses, improper or unpleasing talks, irritating language.
پَچارُون جا بيتن ۾ حوالا
سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
ڄاڻِي ٻُجهِي جَنِ، تو سين سُورَ سَڃَ ڪَئِي،
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]
تُون ڪِيئَن سَندِيُون تَنِ، پَرَ سين پَچارُون ڪَرِيين.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 12 ]
جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان،
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 5 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 5 ]
جوڳَ نَہ جوڳو تُون، ڪَرِيين پَچارُون جوڳَ جُون،
ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون،
سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي رَتُ وِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 8 ]
ھِڪو پَنڌُ پِرِيَنِ جو، ٻِي تُنھِنجِي ڀُون،
سامِي سيڻَنِ ڏُونھِن، رُوَندا ئِي رَتُ وِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 8 ]
مَنُ موھِئو جوڳِيَنِ جي ذاتِ، دِلِ جوڳِيَنِ جي ذاتِ،
ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي،
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ.
[ سُر پورب، وايون، 9 ]
ھُيَسِ سَناسِيَنِ سين سَنِرِي،
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَراتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ.
[ سُر پورب، وايون، 9 ]
اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ،
پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ،
سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 11 ]
پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ،
سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ کي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 11 ]
پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ،
ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا.
[ سُر پورب، جوڳي، 4 ]