پاران بابت
معنيٰ
ٻِي ڀر کان، هن پار کان. پرئين طرف کان، طرفان، ڀران. جي عوض.
From, by.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ ناناڻِيءَ کَٽِئو، نَڪِي ڏاڏاڻِئا، وَڏائِي وَڙَ ٿِئا، مُون سين پِرِيَنِ جي پاران.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران، چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران، اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- حُرُ ھَلِي آيو ھُنِ پاران، مانجِهي مَردانو، اَڳِيان اَچِي اِمامَ جي، زور ڀَريائِين جانو، آھي عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَروانو،…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪَنھِن جَنھِن ڏُکان ڏي، پارانڀا کي پانڌِيين، سُورِ ڀَرِيائِين سي، ڳالِهہ ڪِئائِين جَنِ سين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- بُرو بِگيرَدِ بي رَوان، شَنگِ رَوان شيزاَ، ٿِي جاڳائي جَتَڙو، ويئِي ھنيين دِلِ دَروغا، ٿَو بَٿَغي اُو ربِتَغان، لالَ مَنجهان…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- جانۡ تُون وَڃين ڪيچِ ڪَھِي اي اَدا، ڏِجِ پارانڀو پِرِينءَ کي، مُون مُٺِيءَ مَٿان ڪيتِرا، وِئَڙا ڪانگَ لَنِئي، آئُون ڦوڙائِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو، پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- آءُ اُڏامِي ڪانگڙا، پارانڀانِ پَچارِ، ويھِي ھِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِر تَنوارِ، جي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پارانڀانِ پَچارِ، مَٿي لامَ لَطِيفُ چئَي، ڦيرِ مَ فَضِيلَتَ تُون، جا ڪُرَ آنهِنجي ڪارِ، جي ڏِٺا ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ جِي ڪانگا ڪَرِ خَبَرَ، سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ، گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- حَبِيباڻي حُجري، ڪِئا اَکِيُنِ اوتارا، پِرِيَنِ جي پاران، راتِ رَڱِجِي آيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- راتِ رَڱِجِي آيُون، پاران پِرِيَنِ جي، سيڻَ پِہ ڪَندِيُون سي، مُورَتَ جَنِ جي موھِيُون.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- عُمَرَ اَڄُ گَڏِئامِ، ڏوٿِي اُنِهين ڏيھَ جا، پارانڀا پِرِيَنِ جا، اُڀي اُنِ چَيامِ، لَھِي لوھَ وِئامِ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]