وَلَهو بابت
معنيٰ
سھڻو من مُھڻو. گهوٽ ، مڙس، گهر وارو. پيارو، وڻندڙ، محبوب.
Beloved, love, husband.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن، اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ، آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ…[ سُر سارنگ - وايون ]
- نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو، پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ، اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ، وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- جي وارو نَہ ڏي، توءِ مُنھِنجو وَلَهو، آئُون تَنھِن آساري، ويٺِي وِلِهُون گهارِيان.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- توءِ مُنھِنجو وَلَهو، جي وارو نَہ ڏي، آئُون تَنھِن ڀَلي کي، پاڻُ پَرَنِيان ڪيتِرو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائيءَ وارِ، جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ، ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- کَڻِي ھارُ ھَڻِي، پَلَنگَ سِرِ پِٿون ڪَرِيان، وِينڊَڙِئارو وَلَهو، وِئو چِتُ کَڻِي، سو پِٿُون ٿِئي پَڻِي، مانَ سَرِچي مُون پِرِين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ، ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانَہ پَروڙَ، مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ، سامُھان ٿِئمِ، سُورَ، وِئو وِلِٽي وَلَهو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ وِڏُوڻُو واپارُ، ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- مُون تي وَھرَ وَرِي، وَرَ وَرِي، وارو ڏِيندُومِ وَلَهو، توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي، اَسان تو ري ناھِ ڪا،…[ سُر ليلا - وايون ]