وَلَهو جي سنڌي معنيٰ
سھڻو من مُھڻو. گهوٽ ، مڙس، گهر وارو. پيارو، وڻندڙ، محبوب.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloved, love, husband.
وَلَهو جا بيتن ۾ حوالا
گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ،
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيَ پِيَ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مان ڳَري، جِيئَڻُ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻانھَن ڳَرا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَنداءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شاھِدَ گُذِرِئا.
[ سُر سارنگ، وايون، 3 ]

نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو،
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 1 ]
تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو،
پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 1 ]
راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، پِرِين آيو پاڻَ،
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
اَچِي مِيرَ مَينڌَري، ڪامِلَ لاٿِي ڪاڻِ،
وَڻَ ٽِڻَ وَلِيُنِ ڇانيا، وُٺا سَڀَ وَٿاڻَ،
پَرَچِي آيو پاڻَ، ڪاڪِ قَرارِئو وَلَهو.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 12 ]
توءِ مُنھِنجو وَلَهو، جي وارو نَہ ڏي،
آئُون تَنھِن ڀَلي کي، پاڻُ پَرَنِيان ڪيتِرو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 40 ]
آئُون تَنھِن ڀَلي کي، پاڻُ پَرَنِيان ڪيتِرو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 40 ]
ڏُھاڳان سُھاڳَڻِيُون، سَدا ٿِيُون ڪَنبَنِ،
ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 22 ]
ڪوھُ ڄاڻان کي ڪَنِ، وارو ڏِيندو وَلَهو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 22 ]
مُون تي وَھرَ وَرِي، وَرَ وَرِي، وارو ڏِيندُومِ وَلَهو،
توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي،
اَسان تو ري ناھِ ڪا، ٻِي ڳُجهاندَرِ ڳَرِي،
توکي سَرِي سُپِرِين، اَسان تان نَہ سَرِي.
[ سُر ليلا، وايون، 2 ]
توکي سارِئو سُپِرِين، پُوندِيَسِ ماڳِ مَرِي،
اَسان تو ري ناھِ ڪا، ٻِي ڳُجهاندَرِ ڳَرِي،
توکي سَرِي سُپِرِين، اَسان تان نَہ سَرِي.
[ سُر ليلا، وايون، 2 ]
ھُيَسِ ھِندورَنِ ۾، پيَمِ ڪانَہ پَروڙَ،
مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،
سامُھان ٿِئمِ، سُورَ، وِئو وِلِٽي وَلَهو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 16 ]
مَڻِيي سَندي مامِري، ڪوجهي وِڌِيَسِ ڪُوڙَ،
سامُھان ٿِئمِ، سُورَ، وِئو وِلِٽي وَلَهو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 16 ]
جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ وِڏُوڻُو واپارُ،
ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 26 ]
ھاڻي کَڻُ ھِيءُ پَنھِنجو ھارُ، واري ڏي مُون وَلَهو.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 26 ]
جَي وارو نَہ ڏي، توءِ مُنھِنجو وَلَهو،
آئُون تَنھِن آساري، ويٺِي وِلِهُون گهارِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 39 ]
آئُون تَنھِن آساري، ويٺِي وِلِهُون گهارِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 39 ]
دِلِاسي جي داسَڙا، تان ڪا وائِيءَ وارِ،
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]
جِيئَن تُون مُنھِنجو وَلَهو، تِيئَن آئُون تو ۾ طَمعدارِ،
ڍَڪِي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ مُنھِنجِي لوڪَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 42 ]
English Meaning
Beloved, love, husband.