نانءُ بابت
معنيٰ
نالو، نامُ، اسم، نانوُ. لقب، خطاب. ناموسَ، هاڪ، ناماچار، مشھوري، ساراھ، شھرت، ساک. ڀرم، عزت، آبرو. اخلاق.
Name, appellation, fame, reputation, character, renown, a noun.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وانءُ، مَٿان سائِرَ سُهڻِي، پِرتِ وَٺِجي پانءُ، نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، وانءُ پِريان جي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي آھِيان، آئُون آھِيان جيڏِيُون. ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان، پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين…[ سُر ديسي - وايون ]
- گهوڙَنِ ھَنئِي سَڀَڪا، اُٺَنِ ھَنئِي آنءُ، جا نِينھَن ڳنَهندِي نانءُ، سا مُون جِيئَن پُوندِي مامِري.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- اوجَهڙِ وَٽان آنءُ، ٻِيُون سَڀَ سَڳَرِ ساٿَ جي، جا نِينھَن ڳِنَهندِي نانءُ، سا مُون جِيئَن پُوندي مامِري.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ، پَنھِنجو رَکِي نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جيڏو تُنھِنجو نانءُ، ٻاجَهہ بِہ اوڏِيائي مَڱان، ريءَ ٿَڀِين ريءَ ٿُوڻِيين، ڇَپَرِ تُونھِين ڇانءَ، ڪُڄاڙو ڪَھان، توکي مَعلُومُ سَڀَڪا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين، ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو، تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- پُورِئا دَرَ مَ پَنُ، جَنِ پِنِيي پُورَتِ نَہ ٿِئي، ڏيھَ ۾ ڏاتَرُ ھيڪِڙو، نانءُ تَنھِين جو ڳِنُهہ، جو زَينَ رَساڻي…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- عُمَرَ مارُوئَڙَنِ جو، ٿَرَ ٿَرَ اَندَرِ ٿاءُ، سَڀَ تُنھِنجو سُومَرا، ويٺا ڳِنَهَنِ نانءُ، اُتي ويندِيَسِ، آنءُ، لوئِي لَڄَ مَٿي ڪَري.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]