مِٺو بابت
معنيٰ
مٺو ڳالهائيندڙ، مٺو ٻوليندڙ، شيرين گفتار. دل وارو، پيارو، وڻندڙ، محبوب، معشوق، جاني، دلبر.
Sweet. Sweet-tongued, bland.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ، مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ، خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- مِٺايان مِٺو گهَڻو، ڪَڙوۡ ناھِ ڪَلامُ، سُڪُوتُوءِ سَلامُ، پِريان سَندي پارَ جو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳَ نَہ ڏيھُ ڏٺومِ، ڏُونگَرُ ڏوراپَنِ سين، ڪاتِيءَ ريءَ ڪُٺومِ، جيلان مُحِبُ مِٺومِ، ڇُلُون ڪَرِيان تي…[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- سَڌائِتِي سَڀَڪا، بُکَ نَہ باسي ڪا، جيھِيءَ تيھِيءَ ذاتِ جِي، جُنبَشِ ڪانِهي جاءِ، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءَ مِٺو…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڪيچِ نَہ جُنبَڻَ جاءِ، تَہ ڪا ھَلَندِي ھوتَ ڏي، مُون سين ھَلي سا، جا جِيءُ مِٺو نَہ ڪَري.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڇَڏِ جاڳوٽا جوڳِيين، دُونھِيُون ڪِيمَ دُکاءِ، وَاذْڪُر رَّبَّڪَ فِي نَفْسِڪَ ، اَندَرِ آڳِ جَلاءِ، جَنِ کي سَڄَڻَ جِي ساڄاءِ، تَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- مِٺو جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مُون وَڏو آسِرو، تو دَرُ ناھِ جِھو، مُون ٻِئا دَرَ گَهڻا نِھارِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]
- سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبُرَ آساروسِ، ٻاڙو پِيي نَہ ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھِن لَڳوسِ، ماڻِڪُ تي مِڙِيوس، جِيئَن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾.[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]