مَوتُ بابت
معنيٰ
مرتيو، مرڻو، رضا، قضا، وفات، مرگُ، فوتُ، انتقال، رحلت. ڪالُ، اجَلُ، اَزلُ، کُٽي. شامت. مصيبت. فنا.
Death, demise, dying, end, misery, expiry.
بيتن ۽ وائين ۾
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- مُٺِي ٿِي مُدَعا گهُري، مَوتُ ٿِئو مَوجُودُ، اَچين تَہ اَڄُ ڪَرِيان، صُباحَ جو سُجُودُ، جيڪي ني وُجُودُ، جيڪي ميڙِ مُٺِيءَ…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- وَڍِيءَ سي واڍوڙِئا رَتُ نَہ ڏِٺو جَنِ، مَوتُ قَبُولِئو تَنِ، ڏِٺو جَنِ ڏُکِيءَ کي.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، ھِيءُ پُڻ ڏِينھُن وِئو، نِھوڙي ناڀُنِ سين، مُون کي نِينھَن نِيو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، پِيَ…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، مَٿان آيو مَوتُ، مُون واجهائِيندي وَرِھَ پِئا، ھَئَي نَہ گَڏُيِمِ ھوتُ، جيڪُسِ ٿيِندِيَس فوتُ، فَنا…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڪِي جو ڏِٺائِين، مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، نِيو آرِياڻِيءَ اَرواحُ، اَنگُ اَڳھَيِن لِکئِو، مُنھِنجو مِيثاقا، مَنْ طلَبَ شَیئاً وَ جَدَّ وَجَدَ ، اُتو…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- کُوءِ ھاڙھو ٻَنِ ھوتُ، کُوءِ پُنهون ٻَنِ پِرَيتَڻُو، مادَرِ مُون مَوتُ، پَسَڻان پِرايو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ٿَرِ جَي ٿوڪَ ٿِيَنِ، سي جَي پَسِين سُومَرا، ھِڪُ مَوتُ ٻِئو ڦوڙائو، ٽِئو ساڻيھَ کي سِڪَنِ، تُون ڪِيئَن مَٿان تَنِ،…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- هِنيُون هيڪُ هو، سو پُرزا ٿِي پِئو، ڪِي کيريين ڪِي ٻيرِيين، ڪِي وَلَهارَنِ وئِو، مُٺِيءَ مَوتُ ٿِئو، تُون ٿو ساهِه…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]