ماڳھِين بابت
معنيٰ
انهيءَ جاءِ تي، انهيءَ هنڌ تي. انهيءَ لاءِ تہ، تانڪہ، بجاءِ، بدران، عيوض، اُٽلو. پاڻ، موراھِين، مُورڳو، اصل، بِنھ، صفا، قطعا، ڪڏهين بہ، بلڪل.
On same place, where, actually, exactly
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ، ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ، اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- وِئا اوھَرِي اوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين، جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ، گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو، آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ، سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي، ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، ماڳھِين موٽائي، سو سُڻُ ھِنيَين سين سُهڻِي، جيڪِي فائِقُ فَرِمائي،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- وَڃان ڪِيئَن وَرِي، ھُوندَ ريءَ چئَي رَھِي رَھان، دُونھِينءَ پاسِ دوسَ جي، ماڳھِين پُئانَ مَرِي، نَہ صُورَتَ نَہ سُونھَن ڪا،…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- جٖي سُئا نَہ ٻُڌا، سي ڪِيئَن پِرِين پَسجَنِ، قَلَمُ جَنِي جي ھَٿَ ۾، سي جَي ڪَرمُ ڪَنِ، اَنگُ مَٽائِي اڳِيُون،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ماڳھِين جَي مُئِي، ھُوندَ نَہ پيئِي مامِري، ڇڏِئو جَي ڪُھِي، تَہ ھيڪارِي ھورُ لَھي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- وَڃِي وَڃِي ويٺَڙِي تِتي، جِتِ پيرُ ڏِٺائين پِرِينءَ جو، پيرُ سُڃاتائِين پِرِينءَ جو، مَنجهان نِينھَن نِرتي، ھُو وِھِيا وَڻِڪارَ ڏي،…[ سُر حسيني - وايون ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ وَھَڻُ وَسڪاري، مُنھِنجو تُوۡرُ تَلِيُنِ ۾، چِيھا ٿو چاري، مَرِي ويندِيَسِ ماڳھِين، ساھيڙِيُون ساري، ڊيئِي…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]