ماڪَ بابت
معنيٰ
اوس، وِلهہ، ماٽ، گهم، شبنم.
Dew, mist.

بيتن ۽ وائين ۾
- وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ، ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ، پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ، هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ، اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ، اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، ھُئِي جَنِي ھاڪَ، مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ، ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي، اُجهَڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي، ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ، ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]