ماڪَ جي سنڌي معنيٰ
اوس، وِلهہ، ماٽ، گهم، شبنم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dew, mist.
ماڪَ جا بيتن ۾ حوالا
وِجهِج واٽاڙُوئَن تي، مَيخاني جِي ماڪَ،
ٿِيندِي سُڌِ سَڀَ ڪَنھِن، ھَنڌِ ھَنڌِ پُوندِي ھاڪَ،
پِرھَ جا پِياڪَ، جُھ سي اَڱَڻِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 22 ]

اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]

لَڳُمِ ٻاڻُ ٻَروچَ جو، ڪَرَھا ٿِئا قَزاقَ،
اَھُکِي جا اُٺَنِ کي، سا مَيَنِ پَوي مَ ماڪَ،
اَکِيُنِ خوراڪَ، پَسَڻُ پَرَڏيھِيَنِ جو.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 22 ]

راڻا پَسان نَہ راڄَ ۾، ھُئِي جَنِي ھاڪَ،
مَحلي مِيرَ مُقِيمَ جي، مَٽَنِ اُٺِي ماڪَ،
ھُو جٖي پِرھَ پِياڪَ، سي لوڊي وَڃَنِ لَڏِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 17 ]

مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي،
بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ،
ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،
ھُنِ سيڪِيندي ھَٿَڙا، مُون ڳاڙِيندي ڳَلَ،
چِيري چَندَنَ ڪاٺَ جِيئَن، سُورَ ڏِنائُون سَلَ،
مُون کي ڏِنا سَڄَڻين، ريءَ سِيراھِيءَ سَلَ،
ڄَرَ ڄَراٽِيُنِ جِندَڙو، کُوري کانيَنِ کَلَ،
ڪَڏِھِين پيرَ پِيادا، ڪَڏِھِين مَٿي ڀَلَ،
مولِهِيا ماڪَ پُسايا، سِيءَ سُڪايَنِ کَلَ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 13 ]

ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مَٿان راتِ پَئِي،
اُجَهڻَ لَڳِيُون اولِيُون، وِئَنِ وَنجَهہ وَھِي،
ڪَلاچِيانَ ڪَھِي، ڪَڏِھِين ڪو نَہ آئِيو.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 2 ]

هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي پَکا سَندَنِ پاڪَ،
ڪي ڏِينھَن هِتِ جيڏِيين، ٿي مَلِيرَ چُونڊِي ماڪَ،
سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،
مارُو هُئا مُشتاقَ، اُٺي وِئا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا، 4 ]