ماڪُون جي سنڌي معنيٰ
اوس، وِلهون، ماٽون، گهمون، شبنم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Dews, mist.
ماڪُون جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ مِينھَن پَوَنِ ماڪُون،
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
سُڄَنِ ٿِيُون سَيِّدُ چئَي، ھاڙِھي جُون ھاڪُون،
جِتِ اينڌِيُون اوطاقُون، اُتِ ٻاتاڙَنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 15 ]
آيَلِ اوطاقُون، ڪَري ڪيچِي ھَلِئا،
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
سُڪِيُون نَہ سيڻَنِ جي، ماڳَنِ تان ماڪُون،
نِسورِيُون نائُڪُون، سَڃي ھَلِئا سُورَ جُون.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 3 ]
ٿَرِ ٿاڌيلُون پُونِ، ماڪُون مِينھَن مَلِيرَ تي،
ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 8 ]
ماڙيچِيُون مَحلَنِ ۾، مُورِ نَہ مَٿو ڌُوَنِ،
جيڏِيُنِ ڌاران جُونِ، عُمَرَ کاڌِي آھِيان.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 8 ]
English Meaning
Dews, mist.