لَڏَ بابت
معنيٰ
لڏڻ جو اسباب، گهر جو سامان ، مال اسباب، سامان جي چرپر يا هڪ هنڌان ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ واري حالت.
A load. Flitting, removing from one place to another, the goods and chattels removed.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ، اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ، ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- اوکِيءَ آڳَھُ آھي، وو آھي، مُون کي تان نَہ ڇَڏيندو ڇَپَرين، آرِي اُگهاڙِنِ کي، پُنهون ڄامُ پَراھي، پُڇي پوءِ پِئَنِ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ڇَڏي ڙي ھوتَ مَ وَڃُ، اي مِيان يارَ جَتَ، آئُون اَوَھان جِي آھِيان، پاڻان پَراھان وِئا، سُڻِي مُئِيءَ جا سَڏَ،…[ سُر معذوري - وايون ]
- ڀَنڀوران ٻاھَرِ ٿِي، مُون جٖي ڪِئا سَڏَ، ٻاروچاڻِيءَ لَڏَ، لَڪَ سويرا لَنگهِئا.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- لَڏي تَہ لَڏَڻُ ڏِئو، اِيءَ مُنڌَ مَ ڊوھِئو ماڻُهوئا، اِيءَ اِھَڙِي سَٻَرَ جوءِ، جَنھِن مَڻيي تي وَرُ مَٽِئو.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- اَڏِيندي اوڏَنِ، لَڏَڻَ جِي ڪا نَہ ڪِي، لاکو مَٿان تَنِ، اوچتو ئِي آيو.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- سَدا جَنِ پَرياڻُ، پاندِيءَ پَکِي لَڏَ جو، وِئا ڳُڻَنِ ساڻُ، مارُوئَڙا ٿَرُ اُڪِرِي.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- ساري حاجَ هِئان، کَنيائُون کائُرِ ڏي، ڏَلِهي کُوهَ ڏِسِ ڪَنھِين، ويڙِهِيچا وِئا، لائي لَڏَ لَطِيفُ چئَي، پَرِيين ٿَرِ ٿِئا، ڇَڏي…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]
- تان تُون پَرِ پَرُوڙِ، لَڏَڻُ ضَرورِ، سُومَرا سِيلُ مَ ڀَڃُ سَتِنِ جو، ڏِينھَن ڏُھلا ڀانيان، پَھسَ پِريان جي پُورِ، اُڀِي…[ سُر مارئي - وايون ]
- کاڄُ جَنِي جو کِکِيُون، مالُ جَنِي جا مَڏَ، سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھِيڻا جَنِ جا ھَڏَ، ڄامَ پَرَتِيَئِي لَڏَ، سانگِيَنِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]