لاڄُو بابت
معنيٰ
ٻيڙي جو رسو.
Halyrad.

بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ، حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ، جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- تَري تُنَ پَياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَھي، کُوھو جُهر جُهنُو ٿِئو، لاڄُو سَڀَ لَڙَياسِ، جيلاھِين سَڌَرَ سُکاڻِياسِ، وَھي تي وَھَ سامُهِين.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- ويٺو تُنَ تُنِيس، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سَنباھَي سَيِّدُ چئَي، مَٿي نائُوءَ نِينسِ، وَٽائي وَڏاندَرا لاڄُو لَڳائِينسِ، آخِرِ اُھَرائينسِ، تَہ جوکو…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- لاڄُو ٿا لَمَنِ، اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنِ، ويٺِي واٽَ نِھارِئان.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ، قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]