طالِبَ بابت
معنيٰ
ڳولائو، ڳوليندڙ، تلاش ڪندڙ، طلب ڪندڙ، خواهان. عاشق، مريد. شاگرد. سالڪ، فقير.
One who is needy, student, searcher, explorer
بيتن ۽ وائين ۾
- دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪُتو ڪُرٽي ھَڏِيُون، جَوانَمردُ جِگرَ کاءِ، اَلدُنیا جیفَتہ وَ طالِبَھا ڪَلاب ، اِيءَ ھِنيَين سين لاءِ.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي، طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني، ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- ڪِينِهي طالِبَ تاتِ جا، آھي تاتِ تَيارُ، ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جيڪي طالِبَ تاتِ جا، تاتِ بِہ تَنِي وَٽِ، ھَڏِھِين ڪانِهي ھَٽِ، گهورِ تَہ گهَرائِين لَھين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ، ”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي، سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ، سَدا سُکِ وَسَنِ، طالِبَ تَقدِيرَ تي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَنِ تَنوارَ، آسَڻَ مَٿي اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ، سامِي سَڀَوڪارَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ، سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، مَڙِهيُون مُون مارِينِ، جٖي جِيءَ کي جِيارِينِ، سي ڪَرَمِ مِلَندا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو، وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- پاڻُ پَردو پاڻَ کي، طالِبَ سُڻِجِ تُون، نَہ ڪا ھانۡ نَہ ھُونۡ، پَردا سَڀَ پاسي ٿِئا.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ڪِھَڙو ٿِئو سُنَّتَ جو، طالِبَ مَٿي تاءُ، پَرڻو ڦاھِي جِندَڙي، مَنجِهہ مُنجهائي ساھُ، گهُري جو اللهُ، سو ھِنيُون ھورَنِ گَڏِئو.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھَڌِ، لاتِيُون جي لِباسَ جُون، سي ڇَپائي ڇَڏِ. آئُون اَسِين ڪَنِ جي، پاسي تَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]