سِٽَ بابت
معنيٰ
عبارت، لکت، اکرن جي لکت، لکيل ڳالهہ، لکت جي لڪير
A line in writing neatness, correct taste, order, method. Commencement, beginning.
بيتن ۽ وائين ۾
- وِسَرِئومِ سَبَقُ، پھرِين سِٽَ نَہ سَنبِران، اَڃا ھِيءُ وَرَقُ، ھَئَي مُطالِعُ نَہ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پوکَ جَا پَڙَهڻَ جِي، ”لا“ سين وِجُهہ لُڻِي، لَمْ یَڪُنِ الَّذِیْنَ ڪَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْڪِتابِ ، آگي آيَتَ موڪِلِيِ ڌُرِيائيِن…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، ناحَقِ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ، ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾، لا مَقصُود فِي الدارَينِ، اِنَ پَرِ اُتائُون، سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسَيلا رَحمانَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مُلان ڪوھُ مارِين، کارِين کُٿابِيَنِ کي، وَرَقَ جٖي وِصالَ جا، پَنا سي نَہ پاڙِھِين، سا سِٽَ نَہ سيکارِين، جَنھِن ۾…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ، ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ، تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جِھَڙِي لالِي لاکَ جِي، تِھَڙِي سارَنگَ سِٽَ، اِيئَن سي اُٻُنِ اَنگِئا، جِيئَن سي چُنِيءَ چِٽَ، بَرَسِئو پاسي ڀِٽَ، ڀَرِيائِين ڪُنَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ، وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ، آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- مَٿِئان مَٿي مَچُ، ٻَرِئُمِ ٻاروچَنِ جو، مُون کي طَعنا تي ڏِئو، جي نَہ پَروڙِئو سَچُ، اَمَڙِ اورِي اَچُ، تَہ سِٽَ…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾ سَندِي سامِيَنِ سِٽَ، لُنگَ لاھُوتِي لالُ ٿِئا، چيلِهہ ٻَڌائُون چِٽَ، جي مَحَبتَ ڪِئا مِٽَ، سي ڪَرَمِ…[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ، ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ، جي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ…[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- ڳِچِيءَ ڳانا لوھَ جا، زيرِيُون ۽ زَنجِيرَ، پيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِينِ اَندَرِ ڪِيرَ، چاري چوگانَنِ ۾، واھِيَتَ ڪَنِ وَزِيرَ، ڇَنِ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- هَي ڀُنگا هَي ڀيڻِيُون، هَي چُلها، هَي چِٽَ، ڪي ڏينھَن هِتي جيڏِيين، ٿي سَنِها ڪِتا سُٽَ، سي هَنڌَ پَسِي سُومَرا،…[ سُر مارئي - ھنڌ، ڀيڻيون، ڀنگا ]