سِينگارَ بابت
معنيٰ
سونھن کي وڌائڻ جو ساٺُ، ڪپڙو لَٽو، ڳَھ ڳَٺو، آراستگي، تيل ڦُليل، سِينڌ سُرمو، ويس وَڳو، ٺاھ ٺُوھ، جهڳ مڳ، زرق برق، رَڄا ڌڄا، زيب و زينت، سَجاوَٽ، ٺھوڙَ، شان شوڪت، ٺاٺ، تجمل، صفائي. پيار ڀوڳ. ڪبوتر جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڇَلو.
Decoration, adornment, magnificence, an ornament. A kind of pigeon with a ring round its neck.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ، سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ، ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- چوڏِينھَن چَنڊن اُڀِرِي، سَھِسين ڪَرِين سِينگارَ، پَلَڪَ پِريان جي نَہ پَڙين، حِيلَنِ ڪَرِين ھَزارَ، جِھَڙو تُون سَڀَ ڄَمارَ، تِھَڙِو دَمُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون، ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي، ڪَري ڪانَہ نِھارَ، ھِنَ کي چُڻِڪَن ٿا چِتَ ۾، ساھَڙَ جا سِينگارَ، سا ڪِيئَن ھُنَئان ڌارَ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ساھَڙَ جا سِينگارَ، اُنَ اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَحَبتَ ساڻُ ميھارَ،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- سُهڻِيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ ڏِٺا اَڳي ھُئا، ”ڪُن فَيَڪُونُ“ ڪا نَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ، مَلَڪَنِئان مَھِندِ ھُئِي، توڏِيءَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- مَرِجِ وَٽِ ميھارَ، مَتان موٽين سُهڻِي، ساھَڙَ جا سِينگارَ، مَتان ڏَمَ ڏيکارِيين.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا، ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ، عِشقَ جي…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڇَپَرَ جا سِينگارَ، وارِجِ واڳَ فَقِيرِ تي، ڏُونگَرَ تُھان ڌارَ، مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- سَھِسين ھُئا سارِنگِئا، مانجِهي مَڱڻَھارَ، تَنِ ڳَڙَھان اوري ٿي ڳايو، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تُنبيري جي تَندُ جِي، پھرِين ھُئِي پَچارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- گُلُ ڇِنُو گِرنارَ جو، ڌَٻِڪِي وِئا دُئارَ، ٻايُون دايُون ٻانِهيُون، پِٽِئو کَڻَنِ پَارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سورٺِ جا سِينگارَ،…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- سَڀَيئِي سُھاڳَڻِيُون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھارَ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ کي، ڪَنِ سَھِسين ڀَتين سِينگارَ، ڍولُ تَنِي جِيءَ ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، تو ڌِڪي ڪِيَسِ ڌارَ، پَئِي رَھِئا پَٽَ ۾، سوڀِيءَ جا سِينگارَ، مَڻِيي مُٺِيَسِ جيڏِيُون، ھائِيءَ وِڌِيَسِ…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڪَتَڻَ جِي ڪانَہ ڪَريين، سُتِي ساھِيين ھَڏَ، صُباحَ اِيندِيَئِي اوچِتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏَ، جِتِ سَرَتِيُون ڪَندِيَئِي سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سِينگارَ…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]