ساڄَنُ بابت
معنيٰ
ساجن، محبوب، پرين، سُپرين، دل گهريو، پيارو، دلبر، جاني، سڄڻ، دوست، يار.
Beloved, a lover, sweetheart.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَندُ پئَندي مُون، ساڄَنُ سَھِي سُڃاتو. پِي پِيالو عِشقَ جو، سَڀُڪِي سمجِهوسُون، پِريان سَندي پارَ جِي، اَندَرِ آڳِ اَٿُون، جِيئَڻُ…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- پُنهون ڇڏِئو پوءِ، جانِبُ جَبَلَ گهورِيين، تيلاھِين تَنگُون ڪَرِيين، جيلاھِين تُون جوءِ، ساڄَنُ سُڃَ نِھارِيين، ڏُکِي ڏوھُ ڪِئوءِ، ھاڙِھي ھوتُ…[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- وَرِي پُڇُ ويٺِنِ کي، سَندا پُنهونءَ پارَ، ساڄَنُ سَڀَ ڄَمارَ، ڏُکِي ڏورِجِ ڏِيلَ ۾.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- تو سين ٻولَ ٻَھُون، سَھِسين ساڄَنُ جي ڪَري، ڪَندِينءَ توءِ ڪَھُون، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ھُوندِئان ھوتُ پَري، اوڏو آھِ اَڻَ ھُوندِ کي، ساڄَنُ تَنِ سَري، ”لا“ سين لَڏِينِ جي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- جَي رائي ڪِي رَنجُورَ، ٽَڪَرَ توءِ ٽاڪِئو چَڙھي، لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، ھَلي ڏانھَن حُضُورَ، رَھِئا سَڀَ رِڃُنِ ۾، سَسُئِيءَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- گَوسَرِ ٿِئي مَ گُسَ، شَلَ پَڻِي پوءِ نَہ پِرِينءَ تي، جَنھِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تَنھِن اُٺَ مَ لَڳي اُسَ، پُنهون…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ڏُونگَرَ ڏَسُ پِرِيَنِ جو، ڪافَ نَہ ڏِيين ڪو، قَطارِئا ڪالَهہ وِئا، توڏا وَٽان تو، ھوتُ مُئِيءَ جو ھو، ساڄَنُ اُنَهيِن…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- جَي مُون مَنجهان رُوحَ، وَڃي ساڄَنُ وِسَرِي، تَہ مَرُ لَڳي لُوھَ، ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿِي مَران.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ڪَتَڻُ ٻَنِ ڪَپاھُ کُوءِ، آتَڻُ ٻَنِ جيڏِيُون، ساڄَنُ مُنھِنجو ساھُ، ھاڃي ۾ ھَڻِي وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، مُنھِنجو اَٽَلُ آرِياڻِي، چُونڊي رَکِيُمِ چِتَ ۾، ساڄَنُ سُڃاڻِي، ٿَڪِيءَ کي ٿَرَنِ ۾، پَهچائي پاڻِي، جا وِندُرِ…[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- مُئِيين نَہ تُون مَعذُورِ، ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ساڄَنُ ڪِھَڙي سُورِ، توکي وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- پُورَڀَ پُورَڀَ تَب ڪَرُون، جَب ھِينئَڙي آوَنِ پُورَ، سِڪَندِيءَ کي سَڄَڻين، نِڪُون لايُون نُورَ، آئُون تَنھِن ماريس سُورَ، جِيئَن ساڄَنُ…[ سُر پورب - جوڳي ]
- لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا، ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ، مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان…[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]