ساجُهرِ بابت
معنيٰ
سويل، سوير، سويري، سويلو. اڳ ۾. جلدي، بنا دير، صبح جي وقت.
Early, early morning, dawn, before the, without delay.
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا، پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين، اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ، مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ، سيڻَنِ ساجُهرِ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڪَربَلا ۾ ڪُوڪَ، ساجُهرِ شَهزادَنِ جِي، عالَمَ جا مَلُوڪَ، رُڪَ روھي جَهلِئا.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪِيچِيَنِ ڪَرَھَ پَلاڻِئا، جا تِيرا جَتَنِ، ڪاجاوا ڪَرَھَنِ تي، جَڙِئا جالَ جَتَنِ، گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ٽَلِيُون سين ٽَؤُنرَنِ، ٻَڌا ڏورِيءَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- شَبان شَب ساٿَ پَلاڻِئو، لِکَ نَہ جاڳِيئَن لَيلَ، نِماڻِيءَ کي نَومَ جا، نيڻين پِيَڙا نيلَ، ھئَي ھئَي ھَبسايُون ڪَرِيين، اَزدَرِ…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا، پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- اُٿِي پَھُ پَرُوڙِ، ساجُهرِ سُپَيرِيَن جو، ڏُونگَرَ ڌَڻِي ڏُورِ جِمَ وَڃَنَئِي نِڪِرِي.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪَلَ نَہ پييَمِ ڪا تَہ ڪو ھوتُ وَٺِي ويندا، اَدا ڏيرا، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڀانڀَڻِ ڪَري ٻيرا، پَسان شالَ اَکِيُنِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا، ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي، ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- آيُون اَڳِيئَن ھيرَ، اَصلَ سَندي آسِري، پِڙَ ۾ پَسان نَہ پيرَ، سيڻَنِ ساجُهرِ لَڏِئو.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪاڇو ۽ ڪوھِيارُ، ڏُونگَرُ سَندُنِ ڏيھَڙو، ساجُهرِ نَھِي بارُ، ڪوھُ نَہ ويئِيَنِ اُنِ سين.[ سُر ڏھر - ڪاڇو ۽ سنگهار ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مُونھان پوءِ مَلِيرَ ۾، مِينھَن ڪُڄاڙو ڪَنِ، اَرٽَ اولاڻي ڇَڏِئا، ساجُهرِ ساهيڙِنِ، وِڄُون پوءِ وَسَنِ، آئُون اَباڻَنِ اَڳُ وَڃان.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- ھَنجَڙا نَہ پَسان ٿِي سي، جي اُڏامِي وِئا واھيرَنِ تي، پَکِي جي پَرَڏيھَ جا، ساجُهرِ وِئا سَرَ تي، موتِي جَنِ…[ سُر ڪارايل - وايون ]