راسِ بابت
معنيٰ
تندرست، نوبنو، درست، صحيح. تيار، پڪل، ٺيڪ ٺاڪ
Right, correct, prepared, ready.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا، تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ، ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- سَھِسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ، باللہ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانيان.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- وَھمَ وِرساياسِ، نَہ تَہ پُنهون آئُون پاڻَ ھُئِي، پاڻُ وِڃايُمِ پانھِنجو، پَئِي پِريان جي پاسِ، رَتِي عِلمَ نَہ راسِ، پَسَڻَ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- سُتِيءَ پُونِ ڇِرڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا، پُنهونءَ جي پيڪانَ جُون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ، ھَنيَمِ ھوتَ ڪِڙڪَ، لوچان لوھُ نَہ نِڪِري.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيُنِ ڏيئِي رَڱُ، مُون جَنھِن سان سَڱُ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- وِئو سِڄُ وَڻَنِ تان، راسِيين رَتائِين، مُون کي مارِيائِين، آيَلِ اُونداھِي ڪَري.[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ، سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ، ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين،…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، مارُو مومِنَ پاسِ، اَعرابِي اَحقافَ ۾، رَهي ويٺَمِ راسِ، مارُنِ مُلا ماڙِيين، ڪَنھِن اِرادي آندِياسِ، وَطَنِ آئُون…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ، ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ، تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]