حاصِلُ بابت
معنيٰ
اپت، نتيجو، بچت، پيداوار، ڦل، فائدو، مقصد، مالڪي، ارٿ، پيدائش، لاڀ
Output, outcome, saving, achievement, objective.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي، سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- ڪُلاھَ رَکِي ڪَنڌَ تي، صُوفِي سالِمُ ٿِيءُ، وِھُ وَٽِي ھَٿِ ڪَري، پُرِ پِيالو پِيءُ، ھَنڌُ تَنِ جو ھِيءُ، جَنِ حاصِلُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ، حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سَڀَيئِي سُبحانَ جي، ڪَرِ حَوالي ڪَمَ، ٿِيءُ تَحقِيقُ تَسلِيمَ ۾، لاھي غَمَ وَھمَ، قادِرُ ساڻُ ڪَرَمَ، حاصِلُ ڪَري حاجَ تو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڌَڙَ تي دُونھَن جِيئَن، سِرَ ڀَرِ سُپَيرِيَن ڏي، لَڳو وانءُ لَطِيفُ چئَي، تَنَ پِريان جي تِيئَن، تَہ حاصِلُ ٿِئي اِيئَن،…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ھُو جٖي ڪاڪِ ڪَڪورِئا ڪاپَڙِي، تَنِ لَھي نَہ لالِي، کَري کيپَ خُمارِئا، مَئي پِي مَوالِي، ڪَري حاصِلُ ھَلِئا، ڪيفِيَتَ ڪَمالِي،…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- واڄَٽَ ويراڳِينِ جا، مُون وَٽِ وَڏو مالُ، مَقالان مَھِندِ ٿِئا، ڪِينِهي وَٽَنِ قالُ، نَڪو ماضِي مَنَ ۾، نَڪو اِستَقَبالُ، حاصِلُ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- اُوڻَٽِيھَن آيا، سَناسِي سَرتاجَ، حاصِلُ حُسَينِيَنِ جِي، سَڀَ ٿِيندِي حاجَ، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، ويٺا وِجَهنِ واجهَہ، ساڌُو اُوءِ سَٻاجَهہ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏِٺوسُون، مُلا تَھِين مُون، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.[ سُر رامڪلي - اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون ]
- نَڪِي طَعامُ تُنبَنِ ۾، نَڪِي گَبَريَنِ، مُون پُڻ مُلا تَنِ، حاصِلُ ڪِي حالُ ڪِئو.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- ڪائِنَ بائِنَ ڪاپَڙِي، پَرُوڙَڻُ پَري، صُحبَتَ سامِيَڙَنِ جي، سَچِي شالَ سَري، اَندَرَ دُزدُ مَري، تَہ حاصِلُ تو حاجَ ٿِيي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- وانءُ اورانگهي اورِيان، پِيءُ مَ طَھُورا، وِچان جي وِصالَ کي، اِي سَڀَ اُجُورا، حاصِلُ حُضُورا، سَمي جي سَڀَ ٿِئي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]