جُوانَ بابت
معنيٰ
نوعمر، نوجوان. ڳڀرو، لاسيار، لاسڙاٽ. بالغ، ساماڻل. مضبوط، نوان تازا، بھادر، دلير. سگهارا، پھلوان.
Adult, youth, young man or woman, teens, man, soldier, warrior, able-bodied man.
بيتن ۽ وائين ۾
- سارِي راتِ سُڄاڻَ، سودو ڪَنِ صاحِبَ سين، ڀَري ٻانَهپَ ٻيڙِيُون، ھَلِئا جوپَ جُوانَ، پاڻِي پَھلوانَ، لَحظي ۾ لَنگهي وِئا.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تارِ جو، لَهرِيين لُڙَ لَطِيفُ چئَي، جَهلِئا جُنگَ جُوانَ، اُونِهي تَڙِ آڳَٽِئا، آڏِي پائي آڻَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ، بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ، ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ، ڪَرَھَ ھُئِي…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- اَکِيُون ڪَڍُ مَ ڳَجَهڙِي، تارا تَڻِ مَ کاءُ، پِيو نَہ ڏِسين پَٽَ ۾، رِيڳَڙِيارو راءُ، جيري تَنھِن جُوانَ جي، لَڳا…[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- مُون ڀانيو مَھمانَ، ھَميشه ھُوندا پِرِين، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ ڪِيائُون ڪانَ، ڏيئِي وِئَڙا ڏاھِ کي، سُورَنِ جا سامانَ، جورو…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- اَدِيُون وِئا اُڪِرِي، ڏيئِي تَنگَنِ تاڻَ، جيڏو جَتَ جُوانَ، ڪِئو روزُ ضَعيفِ سين.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- تَنِ کي جورا زَربَفتَ جا، پاڪِيزا پَھراڻَ، اُتاھِين عَنبِيرَ جا، اُڏَڻا اوڌاڻَ، آئِي ڇَٽَ ڇُگِيرَنِ کي، ڪُوماڻا ڪيڪانَ، مُومَلَ مَھمانَنِ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مُومَلَ ھَٿِ ڪَمانَ، نِسورِيائِي نِينھَن جِي، ھَڻِي حَڪِيمَنِ کي، ٻَنگَ نِهارِئو ٻاڻَ، جَهرَ ڪِئا پَسُ جُوانَ، جَنِ ڪا ڪِئان گهيڙئا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين، اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾، نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،…[ سُر ڪاموڏ - وايون ]