جَهنگَ بابت
معنيٰ
جَنگَلُ جهنگل، ٻيلو، بَنُ، دَشت. گهاٽن وڻن وارو هنڌ. گهاٽِي وڻڪار. ويرانو، سُڃ.
A jungle. Wilderness. Wild.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، تارا بي ڌُڻِي، ڍائو ڪو نَہ چُڻِي، جهوتُون ڏيِندي جَهنگَ ۾.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن، ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن، جُهونگارِيندي…[ سُر ديسي - وايون ]
- جهونگاَرِيندي جَهنگَنِ ۾، جي کُٽَنِمِ ڏِينھِن، تَہ ڪَرَ مُنھِنجي نِينَھَن، اَپَرِ لائُون لَڌِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- مُون کاھوڙِي لَکِئا، ويھِي نَہ ويرَمَ ڪَنِ، ڏِينھَن تَتي ۾ ڏُونگَرين، ڪارَڻِ قُوَتَ ڪَھَنِ، جَهنگَلَ ۾ جُهڻِڪَنِ، جُھ ڏوٿِي ڏُٿُ…[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- نَہ ڪُتا نَہ ڪُوڪارَ، نَہ سي سَڏَ شِڪارِيين، پِٽِئو کَڻي پَارَ، جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو رُوندو، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو ٿو چُوندو، ھَڏِھِين نَہ ھُوندو، اُنِهان پوءِ عالَمَ ۾.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- جَهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي، ڀَنَڻُ ڪِئو روءِ، ”نَہ ڪُتا نَہ ڪوڙِڪِيُون“، چَرِئو اُڀو چوءِ، ھاڻي ھِنِھان پوءِ، لَڳِي لُوٺو نَہ ٿِيان.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- کُوءِ آسُون عُمَرَڪوٽَ جُون، وَرُ جَهنگَلَ ۾جُهوپي، جي اَباڻَنِ اَڏِئا، ڳُڻَنِ سين ڳُوپي، ويندِيَسِ ويڙِهيچَنِ ڏي، لوھَ ڀَڃي لُوپي، چِڀِڙَ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ مارُوئَڙَنِ جو مَرَڪُ، ڪَنڊِيُنِ ۾ ڪَٽَڪَو، ڏِھاڙِي ڏَرَڪُ، والِي وارِ وَرَقُ، تَہ ويٺا ھُونِ ويڙِھ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ، اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ، آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ، شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ، سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ڪاھِينِ مالَ، اُٿِئو روزُ رَسُولَ کي، سانگِي ڪَنِ سُوالَ، ھِهَڙا جَنِي حالَ، تَنِ سان سَڱ…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، مارُو ٺاھِينِ مَڏَ، پاڻِيءَ ويلَ پَنوھارِيُون، سَرَتِيُون ڪَنِ سَڏَ، ھِتي مُنھِنجا ھَڏَ، رُوحُ پَنھِنجي راڄَ ۾.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- مُون مَ کَسيجاهُ لوئِي، مِيان عُمَرَ، مُون مَ کَسيجاهُ، آئُون جَا نِماڻِي لَڪَنِ لوڏِي. ساڻُ پُلاهَ نَہ پاڙِيان، سَندي ڏورَنِ…[ سُر مارئي - وايون ]
- ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري، سارِي راتِ سَيِّدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ، واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]