تَڙُ بابت
معنيٰ
ڪنارو، واھ پاسي گس يا رستو، ڪنڌي. ڪنھن واھ، درياءُ وغيرہ جو ڪناري وارو اُهو هنڌ جتان پاڻي ڀرجي، وهنججي يا چوپائي مال کي پاڻي پيارجي، گهيڙ، گهاٽ. ٻيڙين بيھڻ جي جاءِ، پَتڻ.
A landing place, watering place, way or place for washing etc.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو، آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو، ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪَنھِن جَنھِن گهيڙِ گِهڙِي، جِيئَن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ، اُھِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ، سالِمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪِئوسِ،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- توڏِي توڙائِين، نِينھَن نَوازِي سُهڻِي، ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين، سو تَڙُ سُوٺائِين، جيڏاھَن عالَمَ آسِرو.[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، ھِيءَ تان جُنبِي جوءِ، ھِنَ پاڻِيءَ سين پانھِنجو، مُورِ نَہ مَٿو ڌوءِ، جَي پِرِينءَ پاسي ھوءِ، تَہ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]