بَندُ بابت
معنيٰ
بندڻ يا بند ڪرڻ جي حالت، ٻَنڌُ، ٻَڌَ. روڪ، جهل، اَٽڪ. قيد، جيل.
A fastening, bond, imprisonment, confinement.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي پَرِيُون پَنڌُ، ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، رِڙِھِي لَڌُمِ رَندُ، آيَلِ آسابَندُ، ڪَنھِن پَرِ ڪيچِيَنِ سان…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- ھوتُ نيڻان جو دِلِبَندُ، ڀَلو جانِي، ھيڏَانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪاڏي وَرايان ڪَنڌُ، چَڙِهي ڏاڍِين ڏُونگَرين، راھَ پُڇايان رَندُ، سَيِّدُ سَڀَنِئا…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- بييُون بَرتَنُ ناھِ ڪو، کِدا تان نَہ کَڻَن، نَہ گُلُوبَندُ نَہ گودَڙِي، نَہ ڌاڳو ڌَڙڪِنِ، چَڪَرُ چَمِڙو چيلِهہ تي، ٻَهڳُڻَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- بَغَلَ مَنجِهہ بَندُوقَ، مارِيءَ ميرا ڪَپِڙا، مارِئو مِيرَ مَلُوڪَ، لَتاڙِئو لَڪِ چَڙِهي.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- جِھَڙو قَيدُ الماءِ ، تِھَڙو بَندُ نَڪو ٻِئو، جفَّ القلمُ بما هُوَ ڪائنٌ ، لَھي نَہ تِرُ تِئان، عُمَرَ تو…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ، ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ، مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- ٻانھُنِ ٻِنِهِي ٻِيڙِيُون، مَٿي ڪانَنِ ڪَنڌُ، مامُنِ سان مَلِيرَ جو، ويٺِي پُڇان پَنڌُ، ھُوندَ نَہ سارِئُمِ بَندُ، جي ڪَرَ لَڌائُون…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُو مِٽَ مَلِيرَ جا، رَهِئا راڄَ رَهِي، مُنھِنجا سيڻَ سَيِّدُ چئَي، ساڻيھَ مَنجِهہ صَحِي، وَنِيُنِ راتِ وَهِي، مُون تان بَندُ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]
- جَي ڪَرَ لَڌائُون، تَہ بَندِيءَ بَندُ نَہ سارِئو، مارُوئَڙَنِ آئُون، جيڪُسِ وِئَڙِيَسِ وِسَرِي.[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي هَنجُون هارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو، ٻيڙِيُونۡ نيئِي ٻارِ، پَھچَندِيئَن پَنوَهارِ،…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ، جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ، ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو ھَنڌُ، اهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ ، اِيءُ پَنوَهارَنِ پَنڌُ، بارِي لاهِيين بَندُ، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]