بَرابَرِ بابت
معنيٰ
هموار، سنئون، سِڌو. هِڪجھڙو، ثاني، مَٽ. ڀيچي. هموزن. پُورو، ٺيڪ، صحيح، درست.
Even, level, plain, abreast, in a row, equal, alike, right, correct, complete, entire, straight, direct, entirely, continually, unintermitting.
بيتن ۽ وائين ۾
- جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي، مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَؤُ سِرَنِ پائي، جانۡ تَندُ بَرابَرِ تورِيان، اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏاھَن ٻِيجَلُ ٻُرائي، سَکِڻو ھَڏِ آھي، ھِنَ سِرَ ۾ سَڃَڻُ…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- اُڏءُ لَڳِ اللهَ، ويلو ڪَرِ مَ وِچَ ۾، آئُون جَو ڏيِين سَنِيھَڙو، سو سانڍِ بَرابَرِ ساھَ، سَندِي ڳُجهاندَرَ ڳاھَ، ڪَھِجِ…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مارُوءَ سَندا مُون، پَٽولا پَنوَھارَ کي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون، وَرُ لوئِيءَ لُون، ڏاڏاڻَنِ ڏِنِيامِ جَا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، لُوءِ لُنءَ بَرابَرِ لَکُ، رُپو جَنھِن رَدِ ڪِئو، ڪوڙِ تَھِين کي ڪَکُ، مُون مارُوءَ جو مَکُ، تيلُ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ مَ لائُون، سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مُون کي ٻانھُنِ ٻَڌائُون، عُمَرَ چؤُ آئُون، ڪِيئَن پَٽُ پَرَھِيان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون، سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا…[ سُر مارئي - وايون ]