اوطاقَ بابت
معنيٰ
گهَرجي جاءِ کان سواءِ ٻاهر ڪچھريءَ جي جاءِ. مھمان خانو. منزل، مڪان
The men’s apartments in a house or a separate habitation for men alone. Drawing room, a cottage of fakirs.
بيتن ۽ وائين ۾
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ، جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ھُنَ ڀَرِ سُيَمِ ھاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، چَڙَنِ چورِئا چاڪَ، تَنِي جِيءَ اوطاقَ، وَڃَڻُ واجِبُ مُون پِئو.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ساھَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ، نَجاسَتَ ناھِ ڪَري، اُنِهين جِي اوطاقَ، ھُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِي پاڪَ ٿِئي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ، هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين، مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- اَندَرِ آديسِيَنِ کي، اَمُلَ ڪِي اوطاقَ، مَڻي دارَ بَقاءَ ڏي، تاڙِيُون ڏِنائُون طاقَ، خَوابَنِ مَٿي خَوابَ، لَڌائُون لَطِيفُ چئَي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اُنَ اوڍَڻُ پَلُرُ پِيَڻُ، جَنِ جا پيرَ مَٿي پَٽَ پاڪَ، وِھَڻُ وَراچَنِ ۾، اُنِ جِي اَجوکِي اوطاقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ، سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ، مارُوءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]
- اَڄُ پُڻ چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا، سُورَنِ اَچِي سُومَرا، اَندَرِ ڪِي اوطاقَ، مارُوءَ جي فِراقَ، هَڏَ مُنھِنجا ڪَپِيا.[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]