ڳوڙھا بابت
معنيٰ
نِيرَ، لڙڪَ، اشڪ، ھنجون، روئڻ وقت اکين مان پاڻيءَ جا وهندڙ ڦُڙا.
Tears.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا، اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا، ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا. ڳاڙِيَم ٿي…[ سُر ديسي - ڏيرن جو ڏمر ]
- توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا، ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا، گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا…[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾، چُرِئو ڪيفُ چَڙِھِي، ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي، ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ ڏِينھَن، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]
- جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو، اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ، تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا، ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- مَ لَئُنِ ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيَين سَلَ، ڳوڙھا مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.[ سُر ڏھر - وڳرين ڪُونجون ]
- ڪَري مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙِھِي، سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي، نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- نَہ ڪي ڏَؤُنرا ڏيھَ ۾، سَرَتِيُون نَہ سِيرُ، ڪوٺِيين ڪُٺِي آھِيان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ، مارُو سارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]