ڳوڙھا جي سنڌي معنيٰ
نِيرَ، لڙڪَ، اشڪ، ھنجون، روئڻ وقت اکين مان پاڻيءَ جا وهندڙ ڦُڙا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Tears.
ڳوڙھا جا بيتن ۾ حوالا
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي پاکوڙا،
اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا،
ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا.
ڳاڙِيَم ٿي ڳوڙھا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 6 ]
اُٿِي ھَلِئا اُسَ ۾، ٻپَھرِيءَ ٻوڙا،
ڏِينھُن تَتو ڏَءُ متو، کامِي ٿِيَسَ کورا.
ڳاڙِيَم ٿي ڳوڙھا، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 6 ]
توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 2 ]
ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 2 ]
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ جي، ڳَلِ سُڪا ڳوڙھا،
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
ھُو جَي پَھَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِئا ڀورا،
گُوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِئو.
[ سُر ڪوھياري، ڪوھ سان ڪچھري، 13 ]
اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا،
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]
ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ،
ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 9 ]
بيکارِيءَ کي بَرَ پَٽَ ۾، چُرِئو ڪيفُ چَڙِھِي،
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 12 ]
ڳالِهيُون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙھا پيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جَا اَنگُهہ اَڙِي، جِيئَن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِئا.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 12 ]
مَيي ۽ مَينڌَري، ڏِٺي ٿِيڙَمِ ڏِينھَن،
ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 3 ]
ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن، ويٺِي ڳوڙھا ڳاڙِيان.
[ سُر راڻو، موٽ ۽ پرچ راڻا، 3 ]
جاڳِي اَکَڙِيُنِ، تو اوجاڳو نَہ ڪِئو،
اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ،
تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
جٖي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَھَنِ،
وِھاڻِيءَ وَھائِيين، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 4 ]
اَکڙِيُون پِرِيَنِ کي، ٽَھَ ٽَھَ ڪِئو ٽِمَنِ،
تُون اناسِي اوجَهرين، ھُوءِ ٿا ھوتَ ھَلَنِ،
جٖي سَنجهيئِي سُتِيُون، سي مَرُ سُورَ سَھَنِ،
وِھاڻِيءَ وَھائِيين، ڳوڙھا سِرِ ڳَلَنِ.
[ سُر کاھوڙي، وايون، 4 ]
ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا،
ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾ پُورا،
هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ، سامِي مَنجِهہ سُورا،
ٿِي چاڪَنِ سين چُورا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 17 ]

مَ لَئُنِ ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيَين سَلَ،
ڳوڙھا مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 13 ]
ڳوڙھا مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 13 ]
ڪَري مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي، مَٿي ڪوٽَ چَڙِھِي،
سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي،
نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،
ويڙِهيچَنِ وَرِي، ڪَرَ نَہ لَڌِي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 10 ]
سارِيندي ساھيڙِيَنِ کي، ڳوڙھا پِئَسِ ڳَڙِي،
نِکَتِي ڪُوڪَ قَلبَ مان، مَنجهان رُوحَ رَڙِي،
ويڙِهيچَنِ وَرِي، ڪَرَ نَہ لَڌِي ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ، 10 ]
English Meaning
Tears.