ڪارايَلَ بابت
معنيٰ
ھنج يا مور پکي.
Swan or peacock.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪارايَلَ مُياسِ، وَڻِ چَڙِهئو وايُون ڪَرِيين، تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا، وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ، ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- مَٿي جَهڙَ جَهڙِينِ، ٻيئِي ڪارايَلَ پاڻَ ۾، نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- مُوران موٽَڻَ ميھَڻو، نُوڻِي نانگَ نَہ ڪَنِ، ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِھَنِ، وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا، سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ، ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو رَکي پيرُ، جان سِيئَن وَٺي نَہ ويرُ، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لَڄي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو رَکي بانھَن، جان سِيئَن ڪاريسِ نَہ دانهَن، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لڄي.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]
- ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو، لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو، ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو،…[ سُر ڪارايل - وايون ]