ڪارايَلَ جي سنڌي معنيٰ
ھنج يا مور پکي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Swan or peacock.
ڪارايَلَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪارايَلَ مُياسِ، وَڻِ چَڙِهئو وايُون ڪَرِيين،
تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 1 ]
تو پُڻ چورِياسِ، مُون پُڻ سَڄَڻَ سارِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 1 ]
ڪارايَلَ جي ڪوڏَ، مُون نَنگَرَ سَڀَ نِھارِئا،
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
وَرِي واھيري نَہ آيا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،
ھِينئَڙي جَنِي ھوڏَ، سي ھَنجَڙا ھَلِي وِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 2 ]
مَٿي جَهڙَ جَهڙِينِ، ٻيئِي ڪارايَلَ پاڻَ ۾،
نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 1 ]
نُوڻِي نانگَ نَہ ڏِينِ، مُوران موٽَڻُ مِيهَڻُون.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 1 ]
سَرَ ۾ سانجِهيءَ وارَ، مورَنِ مانڊاڻا ڪِئا،
سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ،
ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 7 ]
سَٽُون ڏِينِ سَپَنِ کي، ڪارايَلَ ڪَنڌارَ،
ماري نانگَ اَپارَ، وِھُ پِيتائُون وٽِيين.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 7 ]
سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو رَکي پيرُ،
جان سِيئَن وَٺي نَہ ويرُ، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لَڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 24 ]
جان سِيئَن وَٺي نَہ ويرُ، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لَڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 24 ]
سُتي اِنَ سَپَ تان، جيڪو رَکي بانھَن،
جان سِيئَن ڪاريسِ نَہ دانهَن، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 25 ]
جان سِيئَن ڪاريسِ نَہ دانهَن، تان ڪارايَلَ ڪُرُ لڄي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 25 ]
مُوران موٽَڻَ ميھَڻو، نُوڻِي نانگَ نَہ ڪَنِ،
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِھَنِ،
وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 2 ]
ڪارايَلَ ڪارَنِ کي، ڳارا ڪِئو ڳِھَنِ،
وٽِيين وِھُ پِيَنِ، سِڪَ سُرِڪِيين نَہ لَھي.
[ سُر ڪارايل، سَر، اوطاقون ۽ نانگ، 2 ]
ڪُوڙِي راندِ ڪُوڙو چَٽَڪو، لِکَ سِيئَن لَلو پتو،
لَنيو جِيئَن لامين چَڙِهي، ڪِئو ڪارايَلَ ڪَٽِڪو،
ڪِ تو ڪَنين نہ سُئو، شَهبازَ جو سَٽَڪو،
وَڻِ چَڙِهئو وائي ڪَري، لامُنِ ۾ لَٽِڪِئو،
ھاري ويھُ مَ ويسَرو، ڏِيندِيئِي جهارِ جَهٽَڪو.
[ سُر ڪارايل، وايون، 3 ]