ڄيري بابت
معنيٰ
ڄر واري باھ، باھ، آتش
Fire.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي، تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي، وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- اَچي اُجهايو آڳِ کي، پَتَنگَنِ سين پَروازَ، کامِي خاڪِ ٿِيَڻَ جا، اُنِهين وَٽِ اَندازَ، رَمزَ پَروڙِيَئُون رازَ، ڄيري جي ڄِڀِيءَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- مَٿي مَنجهان مِينھُن پَسو، جِيئَن پاڻِي وَھي، مُون ڀانيو نِينھُن، ڄِڀِيُون ڄيري سَندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- کُٽِيءَ لَيءِ کاڻِي، رَکِيَئِي پِرتِ پُنهونءَ سين، سُهِئو سُکِئو جِندَڙو، وِڌُءِ ڄيري ۾ ڄاڻِي، ھاڃو ھوتاڻِي، تو صُباحَ ڪَندا سَسُئِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- مَينڌَرو مَھمانُ، مُون گهَرِ اَچِي جَي ٿِيي، تاڻي تَنُورَنِ ۾، ڀيري ھَڻان ڀاڻُ، آڻي جهوڪِئان آڳِ ۾، ڄيري وِجهان ڄاڻُ،…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- ويٺي جَنھِن وَرِھَ ٿِئا، مَٿي سين ميري، اَکِيُون اُنَ جُون الَکَ ۾، ڀُونءِ ڏي نَہ ڀيري، ڪارنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄَراٽِئا…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- نِينھُن نِھائِينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍِڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ ڪِيئَن پَچَندا ٿانءَ، سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالِهڙِي.[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- نِينھُن نِھائين جِيئَن، ڍَڪِئو ڪوھُ نَہ ڍَڪِيين، ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي، تَہ رَڇَ پَچَندا ڪِيئَن، تُون پُڻ ڪَرجِ تِيئَن، جِيئَن ڪُنڀارَ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]