پانَ بابت
معنيٰ
لال پانُ. ول جو هڪ قسم جنهن جا پن، چُنو ۽ ڪاٿو هڻي، سوپاريون ۽ خوشبوءِ وغيرہ وجهي کائبا آهن، تنبول، پان جي ول. چونو ۽ ڪٿو لڳل ۽ سوپاريون پيل پان جو پن.
The betel leaf leaves of piper betel.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ، يا اَمُنَ اَمانَ ، اي اِلاھِي! يا اِلاھِي!، ٻاجَهہ ٻيلاٽِي ڀايان، ڳَڻَڻَ ڳاڻيٽو ناھِ ڪو، اَپَرِ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي، ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي، ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي، ڪَڍِي تَنھِن…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- جِھَڙا پانَنِ پَنَ، تِھَڙِيُون شالُون مَٿَنِ سايُون، اَگَرَ ۽ عَنبِيرَ سين، تازا ڪِئائُون تَنَ، مَڙِهئا گهَڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ، سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ، ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين،…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ھَلو ھَلو ڪاڪِ تَڙِ چَرُون جِتِ چَڙَهنِ، ڳُوڙِھي رَڱِ رَچَنِ، پانَ وارِيۡ پِڪَ سين.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]