ٻُرَ بابت
معنيٰ
وار، چوٽا، چوٽو، مٿي جا وار.
Hairs.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَوڌارِي چَڙا، ٻُرَنِ ٻيلايَنِ جا، سُتي سَنڀارَنِ جو، پِئَڙُمَ ڪَنِ پَڙاءُ، وِھَڻُ مُون نَہ وَڙاءُ، سُڻِئو جهانءِ جِهڄي ھِنيُون.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- چوڌارِي چَڙِيُون، ٻُرَنِ ٻَيلايَنِ جُون، مَحَبَتِيءَ ميھارَ جُون، جِيءَ اَندَرِ جَڙِيُون، جي وَڇارَ وَڻِيُون، سي لَهرِن پاڻَ لنگهائي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- کَرَڪَنِ خُوشِ ڪِئاسِ، ٻيلي پارِ ٻُرَنِ جٖي، پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، آڌِيءَ تي اُٿِياسِ، سُتِي جاڳاياسِ، سانڀَرَ سُپَيرِيَن جي.[ سُر سھڻي - مينھون، چاھڪ، کرڪن ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ھوڏانهَن ھُن ھُلُ ڪِئو، ھيڏانهَن ھِي ھَڻَنِ، شرِنايُون ۽ سُرندا، ٻِنِهِي پارِ ٻُرَنِ، اللهَ شهِزادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچا ڌَڻِي.[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- اللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا، ليڙا نِيو مَ لُرَ، نِيو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانِهي جَهلي ٻُرَ، مُون کي ماري مَنجِهہ ٿِي، سَندِي…[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- کاڻِيءَ مَ کانيو، مُٺِيءَ مَڱَرُ مَ ڏِيو، ھيڪَرَ اُجهايو، ڏيئِي ٻُرَ لُھارَ جِيئَن.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]