وِسَرِئا بابت
معنيٰ
وساري ڇڏيا، دل تان لھي وئا، ڀُلجي ويا، وسري ويا، چِت تان لھي ويا، (ڪا ڳالهہ وغيرہ) ڌيان تان لھي ويا.
To be forgotten, unremembered, became out of mind, bygone, obliterated.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھُنَ تاري ھُنَ رُوءِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين، سَڄَڻَ کَٿُورِيءَ بُوءِ، مُون کي مُورِ نَہ وِسَرِئا.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- سَرَ لوھِيڙا ڳَڀِئا، ڪُسَرَ نِسَرِئا، سي ڪِ وِسَرِئا، ڍولَ ھَمارا ھَٿَڙا.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- آيا آسَ ٿِئامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، پَسِي پَھَرَ پُنهونءَ جِي، نُنھِن سين نيڻَ ٺرِيامِ، گُوندَرَ وِسَرِئامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ ۾، ٻِئا دَرَ وِسَرِئامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکِري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- سَڄَڻَ سَنڀِرِئامِ، پييَمِ ڪَرَ ڪَپارَ ۾، جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، پِرِين نَہ وِسَرِئامِ، ھَرِئا ھَٿَ ٿِئامِ، نيڻنئون نِيرُ وَھي.[ سُر رِپ - گُوندر ۽ ڪڪر منجهہ ڪپار ]
- وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ، ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ رَهِئامِ، بَرَ جي بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، ويڙِهِيچا وُجُودَ مان، ڪَنھِن ويلَ نَہ وِسَرِئامِ،…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبَحَ سيڻَ سَندامِ، بَندَ ۾ بَدَوِيَنِ لَيءِ، ڳوڙها نِتُ ڳاڙِئامِ، عُمَرَ اَباَڻَنِ کي، ڏِٺي ڏِينھَن ٿِئامِ، ويڙِهيچا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]