وَڙُ بابت
معنيٰ
احسان، قرب. ٿورو. ننگ، عزت، آبرو، لياقت. اصِيلي، شرافت. لڇڻ، افعال، عادت. لَلُ، کِرُ. شائستگي، مرجاتا، ٿورو، لائق، احسان، مھرباني، عنايت، نوازش، ڀلائي، ايڇپو، سلوڪ، هلت. رستو. درست، صحيح. چڱا، نمونو.
Manners, propriety, fitness, seemliness. Kindness, obligation. The desire of a mare for a horse. Adj. proper, befitting, becoming.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙَڪو، آيُمِ اُنَهِيءَ پارَ جو، دِلِ اَندَرِ ڌَڙَڪو، ڀَڃي شَڪَ سَيِّدُ چئَي، سِيرَ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ٻاروچا ٻِئا گَهڻا، پُنهون سِرُ سَڀَنِ، چانگي تي چَڙِھِي ڪَري، ڪَندو وَڙُ وِلِهِيُنِ، مَٿي مَعذُورِنِ، ھوتُ ڌَرِيندو ھَٿَڙا.[ سُر حسيني - ڏورِڻ ۽ ڏسڻ ]
- پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا، پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا، ڇورِي ڇِنِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- جَي تُون آسائو آھِين، تَہ وانءُ جَکِري لائي، مَتان وَڙُ وڃائِيين، ڪَنھِن ٻي دَرِ لِيلائي، سَمي سامائي، چِندا لاٿِي چارَڻين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي سَنُهو نَہ سِکِي، تَہ مَرُ رَنڍا ئِي روڙي، سُٽُ اُنِهيءَ جو سَيِّدُ چئَي، وِئا تَرازِيءَ توري، ٿُلِهي ۽ ٿوري،…[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- مَٿِنِ ٽُوھَ ٽَسڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ، کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُليُون، پَگهَرُ سِرِي پيرَنِ، اِيءُ وَڙُ ويڙِهيچَنِ، مُون لوڏانِئي لَکِئا.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو، وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ، سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]