مُعلِمَ بابت
معنيٰ
تعليم ڏيندڙ، علم سيکاريندڙ، مُدرسُ، پروفيسر، اُستاد، اتاليق، پاڙهيندڙ، اوجهو، اڌِياپڪُ، ماستر، آخُوند، ميانجي، گُرُو، پنڊت، مولوي، مُلا، ٽِيچر. ناکُئو، ڪپتان، سُکالي، ناخُدا، مَلاح.
coach educator faculty member instructor lecturer professor scholar schoolteacher supervisor tutor adviser disciplinarian guide mentor pedagogue preceptor pundit teach trainer abecedary
بيتن ۽ وائين ۾
- مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چيتاريجِ چِتُ، تَہ دائِما دُورِبِيءَ ۾، پَسِين ولاتُنِ وِتُ، نِيَھُ نِکاري نِتُ، مَلاحَ گَڏِ مُعلِمَ سين.[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو، مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ، تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- دَنگِي مَنجِهہ دَرياھَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي، ھُو جٖي واڍي واڻِئا، سُونھَڻَ سَڀَ سَڙِئا، مُعلِمَ ماڳِ نَہ اڳِيين، فِرَنگِي مَنجِهہ…[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- اورِيائِينِ آڻِينِ، ميڙِئو مُعلِمَ خَبَرُون، سا سُڌِ ڪَھِين نَہ ڏِينِ، جِتي وَھُ ويڌَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- سُتا سَڀَ پَئِي، سَندي مُعلِمَ آسِري، اَئِين پُڻ سُمهو ناکُئا، بَندَرِ ناھِ ڀَئِي، جَنِ جِي سَيِّدَ لَڄَ کَنئِي، سي سَڀَ…[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ، سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ، اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ، سَتَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ناکُئو نِگَھِبانُ، مُعلِمَ مُجي خَبَرُون، جَنِ ساري کَنيو سَمُنڊَ ۾، سَفَرَ جو سامانُ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، تَنِ لَنگِهئو طُوفانُ،…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون، سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]