موکِيءَ بابت
معنيٰ
شراب چڪائيندڙ، مَد وڪڻندڙ، ڪَلالُ. (اسم خاص). ’موکي ۽ مَتارا‘ لوڪ افساني جو ڪردار. ڪلالڻ. ميخاني جي مُک ساقي جو نالو (حسين جوان زال جيڪا ميخاني تي شراب ڏيندي هجي).
A female wine-dealer, a mead-seller. (proper noun). 'Mokki and Matara' folk tale character.
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا، پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا، مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو، پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو، مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو، قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا، ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ، تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئا، وِھَ نَہ وِھاٽِئا، سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا، جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ، جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ، اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ، ڪَري…[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]