موکِيءَ جي سنڌي معنيٰ
شراب چڪائيندڙ، مَد وڪڻندڙ، ڪَلالُ. (اسم خاص). ’موکي ۽ مَتارا‘ لوڪ افساني جو ڪردار. ڪلالڻ. ميخاني جي مُک ساقي جو نالو (حسين جوان زال جيڪا ميخاني تي شراب ڏيندي هجي).
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A female wine-dealer, a mead-seller. (proper noun). 'Mokki and Matara' folk tale character.
موکِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ مَتارا، وَڏِيءَ ساجُهرِ سارِئا،
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]
پِيَڻَ جٖي وارا، اَڄُ نَہ آيا ڳَڃِڙي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 13 ]
آڻي اُتَرَ واءِ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]
مَتارا تَنھِن ساءِ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 15 ]
آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو،
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، سُرِي سَپُ پِئو،
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
قَضا ڪَمُ ڪِئو، ڪونِهي ڏوھُ ڪَلاڙَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 18 ]
سَري ڪِي نَہ ڪِئونِ، ويڻَ موکِيءَ جٖي مارِئا،
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
ڪو ڪو ويڻُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِئونِ،
تِھان پوءِ ٿِئونِ، مِڙَڻُ مَتارَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 25 ]
موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئا، وِھَ نَہ وِھاٽِئا،
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]
عاشِقَ مَعشُوقَنِ جو، وَٺِي وِھِجِ گَهٽُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 21 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، ڪَلاڙَ ڪو ھَٽُ،
اُڀِجِ وَڃِي اُتَھِين، جِتِ موکِيءَ سَندو مَٽُ،
ڪَري سِرَ جو سَٽُ، پِيئُجِ ڪي پِيالِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 21 ]
English Meaning
A female wine-dealer, a mead-seller. (proper noun). 'Mokki and Matara' folk tale character.
موکِيءَ ٻول جا زمرا