عَيبَنِ بابت
معنيٰ
گهٽتاين، اوڻاين، نُقصن، ڪَسَرن، ڪَمِين، سُقَمَن، قصورن. کوٽن، خرابين، اوَگُڻن، خامين، اُڻِ چُڻين. وِيڪن، وِڏن.
Faults, failings, defects, blemish.
بيتن ۽ وائين ۾
- کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي تان کوڙِ، اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ، دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ، ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين، پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ، مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ، پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيھَ، پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ، پَسي مِيءَ ڪا ڪَکَ، مَتان ماڱُرِ مَٽِيين.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾، عَيبَنِ لَکَ، ھِنَ مُنھِنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ، ڪارَڻِ رَب اَلَکَ، مَڇُڻِ ماڱَرِ…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]