عَيبَنِ جي سنڌي معنيٰ
گهٽتاين، اوڻاين، نُقصن، ڪَسَرن، ڪَمِين، سُقَمَن، قصورن. کوٽن، خرابين، اوَگُڻن، خامين، اُڻِ چُڻين. وِيڪن، وِڏن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Faults, failings, defects, blemish.
عَيبَنِ جا بيتن ۾ حوالا
کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، کَنيَئِي تان کوڙِ،
اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ،
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 11 ]
اَھلَ اَکَڙِيُنِ جِي، نيئِي نِباھِجِ توڙِ،
مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ، تُون پاڻُ سُڃاڻِجِ سُپِرِين.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 11 ]
راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين،
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]
عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي،
راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 4 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان تُون مَ لَکاءِ،
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]
دوسِتُ تُنھِنجو داسَڙو، کانڌِ وَڏيائِي کاءِ،
ڍولِئو ڍَڪَ سَندِياءِ، تو عَيبَنِ کي آڏو اَچي.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 5 ]
پَرچَنِ شالَ پَنوَھارَ، ڍولا مارُو مُون سين،
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، اَوَڳُڻَ عَيبَ اَپارَ،
مُون مُورائِين مَدِيُون، آھِين سيڻَ سَتارَ،
اُٺا مِينھَن مَلِيرَ ۾، تَڙِ تَڙِ پيئِي تَنوارَ،
عَيبَنِ ڀَرِي آھِيان، سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ،
[ سُر مارئي، وايون، 2 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ جُوءِ،
پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 1 ]
پَسِي راڻِينِ رُوءِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 1 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيھَ،
پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 4 ]
پَسِي مِيءَ ڪِي ڌِيءَ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 4 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ ڪوڙِ،
پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 5 ]
پَسِي کِکِيءَ کوڙِ، مَڇُڻ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 5 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾ عَيبَنِ لَکَ،
پَسي مِيءَ ڪا ڪَکَ، مَتان ماڱُرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 6 ]
پَسي مِيءَ ڪا ڪَکَ، مَتان ماڱُرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 6 ]
تُون سَمُو آئُون گَندَرِي، مُون ۾، عَيبَنِ لَکَ،
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ،
ڪارَڻِ رَب اَلَکَ، مَڇُڻِ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 7 ]
ھِنَ مُنھِنجي حالَ جِي، توکي سَڀَ پَرَکَ،
ڪارَڻِ رَب اَلَکَ، مَڇُڻِ ماڱَرِ مَٽِيين.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 7 ]
English Meaning
Faults, failings, defects, blemish.