سَنئُون بابت
معنيٰ
سِڌو، بنا ور وڪڙ، سوڌو، سَوَلو، سَرَلُ. چڱن لڇڻن وارو، ايماندار، سپتيو، سالم، ٺيڪ. برابر. اُڀو، کڙوتڙو.
Straight, not crooked, right, even, level, direct, definite. Fair, candid, upright.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَڏَڙو جِيءُ جِيارِئو، پِرِيَنِ جِي پَچارَ سيڻَنِ جِي سَنڀالَ، اُڃِئو تَنُ عَمِيقَ مان، پِرِيَنِ پُوڄُ پِيارئو. سَنئُون مُنھَن ڪَري سُپِرِين،…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- مِنھِن جَنھِن جي مُون، ڏِٺو مُنھُن ميھارَ جو، آھي ساھَ سَنئُون، سو ڪِيئَن گهَڙو گهورِيان.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان، اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان، مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- آڌِيءَ اُڌاڻو، ھِينئَڙو مُون ھَٿَنِ مان، لَنگهي سِيرَ سَنئُون ٿِئو، ساھَڙَ سِيباڻو، ڀيڄَ ڀِنِيءَ ڀاڻو، پِيَ جو پَسِي آيو.[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ھُيَسِ مَجِهہ اَمُنَ، عِشقَ اُٿارِيَس اوچِتي، ڌَراڙَڪي ڌُنَ، سَنئُون سُونھايُمِ پيچِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- آيَلِ اَمَڙِ توءِ جِيئان، جَي مُون سارِينِ سُپِرِين، سَنئُون سُونھائِيين پيچِرو، ميھارَنِ مِيان، گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِيو، تان ڪِي تَرُ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي، کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري، سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- جانِي مُنھِنجي جِيءَ ۾، جي تو طَمَعُ پوءِ، وَٺُ ڪاتِي وَڍِ اَڱڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪو، ڀايان ڀالُ سَندوءِ، جي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪاتِيءَ جِھَڙِيءَ ڪارِ، کوڙي کَڻُ مَ سُپِرِين، چاڪَ وِجَهنِ ٿِيُون چارِ، ساجَنَ سَنئُون نِھارِ، تَہ وَڃَنِ سُورَ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سَدا سامُھان پِرِين، پُٺِيرا سُونھَنِ، سَنئُون وَرائي سُپِرِين، جَي مُنھُن مان ڏُونھِن ڪَنِ، رَڳُون سَڀَ رَچَنِ، تَنَ ۾ تازائِي ٿِئي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- ماري ڪُٽي مُون، ھِنَ وِھِٽَ سين وَسَ ڪِئا، تاتِ سيکارِينسِ تُون، مُنھِنجِيءَ سُوارِيءَ سَنئُون نَہ ڪِئو.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ، ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ، تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- جَي ويجهِي ٿِيان وَرَ کي، تَہ سَڀَاڳوم سَنئُون، نِتُ نِتُ آھِ نَئُون، مُون کي پَسَڻُ پَنوَھارَنِ جو.[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]