دُنِيا بابت
معنيٰ
موجودہ زمانو، جھان، جڳ، جڳت، ڪائنات، سنسار، لوڪ، عالم، وِسُ. زمين، پِرٿوي، پِرٿِڻِي، دَھر، ڀُون، ڌرتي. خَلقَت، مخلوقات، سرشٽي، ماڻهو، دنيا جا ماڻهو. دنيا جو سامان، دولت، ڌَنُ، مايا، ناڻو، پئسو، مال ملڪيت.
World. wealth, folk, earth, this time, mankind, money, property
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنَ جو تُون نَہ طَبِيبُ، ڌارِيَئِي دُنِيا ڪارَڻِ ڍَٻِيُون، اِيندو اَڄُ عَجِيبُ، شادِي ڏِيندو صِحَتَ جِي.[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين، دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ، ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- فانِي مِيان فانِي، دُنِيا دَمُ نَہ ھِڪِڙو، لَٽي لوڙُه کَڙَنِ سين، جوڙِيندا جانِي، ڪوڏَرِ ۽ ڪانِي، آھي سِرِ سَڀَ ڪَنھِن.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ، آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ، گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- جَنِ جو وارثُ تُون، سي ڪِيئَن رَھَندا نيڻَ نِماڻا، آگي اَڀُ خَلقِئا، ڀَلِي خَلقِئائِين ڀُون، جوڙِيائِين جَھانَ کي، چَئِي ڪُن…[ سُر پورب - وايون ]
- ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ نَہ چَکِئو، دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي لَهرِ اَڌَ ٿِئي، تُون پُڻ آھِين تِيئَن، دُنِيا ۾ ڪو ڏِينھَڙو.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَڱُ تَنھِن کان مَڱڻا، جو ڏِھاڙِي ٿو ڏي، ڪُوڙا دَرَ دُنِيا جا، جاجِڪَ مَڱين جي، صُباحَ توئي کي، موٽِي ڏِيندا…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]