تاڙي بابت
معنيٰ
پکيءَ جو هڪ قسم هي پکي مينھوڳيءَ جي موسم ۾ ڏسبو آهي، ڪال ڪڻڇيءَ‘ کان سوايو ۽ پُڇ بہ انهيءَ کان ڊگهو، رنگ ڪاريڙو پر پاسن ۽ پڇ وارا ڪي کنڀ ”ڪٻر“ وانگر اڇا، مِينھن جي سڄي مند ۾ تنواريندو رهندو آهي، مِينھِڻ، پَپِيھو.
Rain bird, Pied Cuckoo.

بيتن ۽ وائين ۾
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رُومِي جو آھي، تاڙيِ جَي لاھي، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ، ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ، لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا…[ سُر سارنگ - وايون ]
- گَجئا ڪِينَ گَڙَنگَ، ٻَڌي مُنھِن پَلاڻِئا، اوٺِيَڙا اَڙٻِنگَ، وِئا لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- ڪيڙي ڪيچايَنِ، گورا گَسِ ھَلايا، لَڙئو چَڙِهئو چوٽِيين، ڪَرِئو ڪوھَ ڪِرنِ، لَتاڙي لَطِيفُ چئَي، لَنگهِئو بَرُ بوتَنِ، تَنِ ڪِھَڙِي چُڪَ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- جِيئَن جِيئَن جَهلي جَڳُ، تِيئَن تِيئَن مُون تاڪِيدُ ٿِئي، ڳَھِلو ٿو ڳالِهيُون ڪَري، وِرسِئو ڀُڻي وَڳُ، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾…[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- چَڙِهئا چاريئِي يارَ، سوڍا شِڪارِي، ڪاھي وِئا ڪاڪِ تي، جِتِ مُومَلَ موچارِي، بابُو گَڏِئُنِ بيکَ ۾، جَنھِن ڏِسِ ڏيکارِي، فِڪرَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- رِڻُ پَسِئو روڇا ڪَرِيين، چانگا چَڱي نَہ اِيئَن، تاڻِي نِيندَءِ تَڪِڙو، مَيا مُومَلَ سِيئَن، تَڏِھِين ڪَندين ڪِيئَن، جَڏھِن تاڙي ڏيندَءِ…[ سُر راڻو - وايون ]
- جوڳِيَڙا پاڙي، ڪَرَ نَہ ھُئا ڪَڏِھِين، وِئَڙا مَڙَه تاڙي، ڪالَهہ وَڄائي سِڱِيُون.[ سُر پورب - جوڳي ]
- اَکِيُنِ کي آئُون، جان ڪي جَهلُون پايان، لوڪُ لَتاڙي نِنڊَ ۾، وَڃي ساجَنُ سُوٺائُون، مُون کي مارِيائُون، پاڻَ پَرچِي آيُون.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]