بارَ بابت
معنيٰ
ٻوجهہ، وزن. لڏا، سامان سڙا. ڀَري، ڳٺڙي. رکيل ڪم. اَنبار، ڍڳ.
Load, burden, bale.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھاءِ، ٿِي پاڻُ ھَڻي سِرِ پاھَڻين، لَڌائِين لَطِيفُ چئَي، جُوءِ جَتَنِ سَندِي جاءِ، شُڪُرُ بارَ سَداءِ، جِيئَن…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- اَجهو ڪِئو آرِي، ھِيءَ ويچارِي، وَئِي ڪاھِيندِي ڪيچَ ڏي، آئُون پِيادي پَنڌُ گهَڻو، واٽُنِ تي واري، پُنهون پِيادِيَنِ جا، بارَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وٽِيا ڪَنَ ڍارَ، ھَلِئا ھِنگِلاچِ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ، جٖي ڪِينَ قَبُولَڻَھارَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مَدِيني جا شيرَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا، ڀَرِ مُبارَڪَ پيرَ، عاصِي تُنھِنجي آسِري.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- توبَه جَنِ جي تَنَ ۾، نَملِ نِھارِينِ، قُل يا قَد سَمِع جاثِيه، هِنيون دُخانِ پاسِ ڌَرِينِ، تَبارَڪ تَبَتِ اِذا جا…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]