اَکَرُ بابت
معنيٰ
اکشر، حرف. سُخن، شبد. چِٽُ، نقش
A letter of the alphabet, a word, syllable, a written voucher.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ، اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ، ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ، جي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ جَو اَلِفَ جو، سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين، اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ، پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- دِلبَرُ دُنيادارُ، ٻِنهِي اَکَرُ ھيڪِڙو، ھُنَ کي حاڪِماڻِي ھَٿَ ۾، ھِنَ صُورَتَ جو سِينگارُ، اِيءُ عِشقَ جو آچارُ، جِيئَن دانا…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ، چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ، پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ…[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ، سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]