اَکَرُ جي سنڌي معنيٰ
اکشر، حرف. سُخن، شبد. چِٽُ، نقش
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A letter of the alphabet, a word, syllable, a written voucher.
اَکَرُ جا بيتن ۾ حوالا
اَکَرُ پَڙُه اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀَ وِسارِ،
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
اَندَرَ کي اُجارِ، پَنا پَڙَهندين ڪيتِرا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 17 ]
ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ،
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
مَرَندي سِينءَ مَ مَڃِ، اَکَرُ جَو اَلِفَ جو،
سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 26 ]
سو مَ ھِنيَين سَڃِ، جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 26 ]
ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين،
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
دِلبَرُ دُنيادارُ، ٻِنهِي اَکَرُ ھيڪِڙو،
ھُنَ کي حاڪِماڻِي ھَٿَ ۾، ھِنَ صُورَتَ جو سِينگارُ،
اِيءُ عِشقَ جو آچارُ، جِيئَن دانا ديوانا ڪَري.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 9 ]
ھُنَ کي حاڪِماڻِي ھَٿَ ۾، ھِنَ صُورَتَ جو سِينگارُ،
اِيءُ عِشقَ جو آچارُ، جِيئَن دانا ديوانا ڪَري.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 9 ]
جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿِنِ ويسَ،
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]
چوٽا تيلَ چَنبيلِئا، ھا ھُوءَ جي ھُمَيشَ،
پَسِئو سُونھَن سَيِّدُ چئَي، نِينھَن اَچَنِ نيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 1 ]
اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]

تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ،
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ،
اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.
[ سُر مارئي، سونھن وڃايم سومرا، 11 ]
تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ،
جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ اَکَرُ اُھوئِي ھيڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 20 ]