اَندَرُ بابت
معنيٰ
اندريون ڀاڱو، منجهہ، باطن، وچُ. دل، قلب. راز، ڳجهہ، ڀيد پرهيز.
The inside. In deep down in innermost. Inner.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُکَنِ وارِيۡ سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري، اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا، مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ، ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي، اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ، اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ، ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ، لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،…[ سُر آسا - مجازي مام ]
- جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ، اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ، پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]