اَندَرُ جي سنڌي معنيٰ
اندريون ڀاڱو، منجهہ، باطن، وچُ. دل، قلب. راز، ڳجهہ، ڀيد پرهيز.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The inside. In deep down in innermost. Inner.
اَندَرُ جا بيتن ۾ حوالا
سُکَنِ وارِيۡ سَڌَ، مَتان ڪا مُون سان ڪَري،
اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 5 ]
اَندَرُ جَنِي اَڌَ، ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 5 ]
لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا،
مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ،
ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 30 ]
مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ،
ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 30 ]
ٿِڙڪِي پَسِي ٿوڪُ، تِرڪِي تَڪَبُرَ ۾ پَئِي،
اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ،
اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيءَ وِسَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 10 ]
اَچِئو اَچِئو اَگَلِي، چَئي لِيلان کي لوڪُ،
اَندَرُ اوڀالَنِ سين، ساڙي ڪِئائُونسِ سوڪُ،
ٻالاپَڻَ جو ٻوڪُ، وِئو ويچارِيءَ وِسَرِي.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 10 ]
نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ،
ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ،
لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،
قَلبُ قُربانِي ڪَرِيان، مَٿان دِلِ دوسِتَنِ،
ھِنيَين ۽ اَکِيُنِ، ڦاھِي کاڌِي پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر آسا، مجازي مام، 15 ]

جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ،
اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ،
پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان ڏيئِي تِڪَ،
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِئا ڀاڻُ ڀَريائِي گهورِيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 22 ]
اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ،
پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان ڏيئِي تِڪَ،
وَرُ پِريان سين پِڪَ، ٻِئا ڀاڻُ ڀَريائِي گهورِيان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 22 ]
ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين،
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ،
ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 19 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
internal (adj.) early 15c., "extending toward the interior," from Medieval Latin internalis, from Latin internus "within, inward, internal," figuratively "domestic," expanded from pre-Latin *interos, *interus "on the inside, inward," from PIE *en-ter- (source also of Old Church Slavonic anter, Sanskrit antar "within, between," Old High German unter "between," and the "down" sense of Old English under); suffixed (comparative) form of root *en "in."
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
The inside. In deep down in innermost. Inner.